سائبيري ڦوسڻي

سائبيري ڦوسڻي

سائبيري ڦوسڻي

سائبيري ڦوسڻي (پکي): هن پکيءَ جو تعلق پکين جي گهڻ جنسن واري خاندان Sylviidae سان آهي. انگريزيءَ ۾ هي پکي Brown Leaf warbler، Eurasian Chiffchaff يا وري Syberian chiffchaff جي نالي سان سڏجي ٿو، جڏهن ته هن پکيءَ جو سائنسي نالو Phylloscopus collybita tristis آهي.
هن پکيءَ جي جسماني ڊيگهه تقريباً 10 کان 12.5 سينٽي ميٽر، نر پکيءَ جي پرن جي پکيڙ 6 کان 6.6 سينٽي ميٽر ۽ ماديءَ جي پرن جي پکيڙ 5.4 ان 6.1 تائين، پڇ جي ڊيگهه 4.3- 5.5 سينٽي ميٽر، چهنب 11.5 کان 12.5 ملي ميٽر ۽ نر جو وزن 7 کان 9 گرام، جڏهن ته مادي پکيءَ جو وزن 5 کان 7 گرام هوندو آهي.
وچولي قد جو هيءُ پکي ناسي ۽ زيتوني ناسي رنگ جو ٿيندو آهي. اڪثر مٿين کنڀن جو رنگ ڀورو سليٽي لڳندو آهي. اکين مٿان اڇي رنگ جون ننڍڙيون پنبڻيون، هيٺيون حصو اڇو يا ملائيءَ مائل اڇو، پيلسري هلڪي ڦِڪي رنگ جا ڳِٽا، پيلاڻ مائل اڇي رنگ جي ڇاتي، پکيءَ جا ڪڇاوان پاسا (axilliaries) ۽ پر پوش (wing coverts) جا اندريان حصا جهنگلي پيلي گلاب جهڙي هلڪي پيلسري رنگ کان ڦڪي پيلي رنگ جا ۽ اڪثر ويٺل حالت ۾ کنڀ معمولي پيلي رنگ جا ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
ٻين ڦوسڻين جي مقابلي ۾ هيءُ پنهنجي ننڍي قد، پيلاڻ مائل ڀوري- سليٽي رنگ سان گڏ ننڍي پڇ جي ڪري نمايان آهي.
نر پکيءَ جي ڀيٽ ۾ مادي قد ۾ ننڍي پر کنڀن ۾ هڪجهڙي هوندي آهي. نر ۽ مادي، ٻنهيءَ جي ڄنگهن ۽ چنبن جو رنگ ڪارو، اک جي پتلي ناسي ۽ چهنب ڪاراڻ مائل ناسي ٿيندي آهي. چهنب جي هيٺين ڄاڙي هلڪي پيلاڻ مائل هوندي آهي، پر گهڻي واضح نه هجڻ سبب سموري چهنب ڪارسري ناسي محسوس ٿيندي آهي.
هي پکي سياري جو سيلاني پکي آهي ۽ پاڪستان ۾ درياهي علائقن، خاص ڪري سنڌو نديءَ جي ميداني علائقن ۽ اُترين علائقن ۾ اچي آباد ٿيندو آهي. اهڙيءَ ريت سياري جي مند شروع ٿيندي ئي پنجاب جي ميداني علائقن ۾ هي پکي عام جام ڏسڻ ۾ ايندا آهن، پر آڪٽوبر مهيني جي اڌ کانپوءِ پکين جو تعداد گهٽجندو ويندو آهي. مارچ جي ابتدا ۾ بهار اچڻ سان ئي هي پکي ٻين جاين ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڏيندا آهن. عموماً لڏپلاڻ وقت پنهنجي سريلي آواز ۾ ڳائڻ شروع ڪندا آهن. هوائي سفر دوران مارچ جي ٻئي هفتي تائين ساهيوال ۽ قصور ضلعن ۾ پڪل ڪڻڪ جي پوکن مٿان ٽولن جي صورت لامارا ڏيندي نظر ايندا آهن.
ان کان سواءِ منڇر ڍنڍ ۾ پن جي ڪڪرن، گهاٽي جهنگ ۽ ڪئنالن تي ڪثير تعداد ۾ نظر اچن ٿا.
خوراڪ جي حوالي سان هي اڏامندڙ جيتن کي شڪار ڪري کائڻ جا ماهر آهن. وونئڻن جي فصل ۾ پاڻمرادو ڦٽل گاهه مٿان وڏي مهارت سان اڀي اڏام ڀريندو، جيتن کي شڪار ڪندو کائيندو ويندو آهي. ان کان سواءِ ڊگهن وڻن جي چوٽين ۽ پاڻيءَ جي سطح تي ترندڙ جيتامڙا پڻ کائيندو آهي.
نسلي واڌ ويجهه جي عرصي دوران مادي اڪيلي سر آکيرو ٺاهي، 13 کان 15 ڏينهن آرو ڪندي آهي. بيضن مان ڦٽل ٻچن جي پرورش پڻ مادي ڪندي آهي.
عموماً هي پکي نهايت سريلي ۽ وڻندڙ آواز ۾ ’هوئت يا ٽوئٽ‘ جي مختصر انداز ۾ ٻوليندو آهي، پر هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ ڏانهن اڏامڻ دوران مسلسل روانيءَ سان سريلي آواز ۾ ’چپ چاپ چاپ چپ چپ‘ يا وري ’وچو ويٽ چو وچو ٽوئيٽ ٽوئيٽ ٽو وچو‘ جا ٻول ٻوليندو رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو